ٽالپر حاجي محمد بخش

ٽالپر، حاجي محمد بخش: سنڌ جو نامور سياسي، سماجي ڪارڪن، محقق، تاريخدان ۽ اديب حاجي محمد بخش ٽالپر، ’شير سنڌ‘ مير شير محمد خان ٽالپر جي پوٽي مير عبدالله جو ٻيو نمبر فرزند هو. سندس تعلق ميرپورخاص سان هو. هن سياسي زندگيءَ جي شروعات 1942ع ۾ ڪئي، شروع ۾ ’ينگ بلوچ‘ پارٽيءَ جو سيڪريٽري رهيو. ان کانپوءِ حر تحريڪ، خلافت تحريڪ ۽ خاڪسار تحريڪ سان ڪم ڪيائين. هيءُ 1944ع ۾ ضلعي ايجوڪيشن ڪميٽيءَ جو ميمبر، 1955ع ۾ ضلعي ڪائونسل جو ميمبر، 1956ع ۾ ضلعي ڪائونسل ٿرپارڪر جو صدر ۽ ان ئي سال ساڳئي تڪ تان اولهه پاڪستان اسيمبليءَ جو ميمبر چونڊيو ويو. 1962ع ۾ ٻيهر ضلعي ٿرپارڪر مان اليڪشن کٽيائين. هن سياست ۾ رهي پنهنجي علائقي جي عوام جي مختلف مسئلن کي حل ڪيو. اسيمبليءَ ۾ مسئلن بابت گهڻو بحث ڪرڻ تي کيس ”ڪنگ آف ڪُئسچنز“جي لقب سان سڏيو ويندو هو. هن ننگرپارڪر ۾ هاءِ اسڪول، ڪيترائي پرائمري اسڪول ۽ ڀرپاسي جي ڳوٺن ۾ کوهه ۽ تلاءَ ٺهرايا. هن سياست ۾ رهي ننگرپارڪر ۾ جهالت دور ڪرڻ لاءِ تعليم جو قانون منظور ڪرايو. ايوب خان جي دور حڪومت ۾ جڏهن هڪ آرڊر ذريعي ٻڪرين پالڻ تي بندش جو اعلان ٿيو ته هن اسيمبلي ۾ ان جي سخت مخالفت ڪري اهو آرڊر واپس ڪرايو. ان کان پوءِ هن ٽي ڏينهن بک هڙتال ڪري ٿر جي باراني زمين جي ڍل 25 روپيا في ايڪڙ مان گهٽ ڪرائي 15 روپيا في ايڪڙ ڪرائي. ضلعي ڪائونسل جي چيئرمئن هجڻ دوران ون يونٽ ٽوڙائڻ لاءِ ضلعي ڪائونسل مان گڏيل قرارداد پاس ڪرايائين. هن سنڌ ۽ پنجاب جي آثار قديمه ۽ تاريخي ماڳن مڪانن تي ڪيترائي تحقيقي مضمون ۽ مقالا به لکيا. شعر و شاعري ۾ اصلاح مولانا غلام محمد گراميءَ کان وٺندو هو. هن ’تاريخ اميرانِ ميرپور خاص‘ ڪتاب به لکيو. حاجي محمد بخش ٽالپر ثقافتي سرگرمين لاءِ به ڪو شان رهندو هو، مارئيءَ جو ميلو به لڳرائيندو هو. هن 29 مئي 1985ع تي وفات ڪئي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو